غير قانوني هٿيارن جي خلاف ڪارروائي ۽ ضبط ڪرڻ جون هدايتون

غير قانوني هٿيارن جي خلاف ڪارروائي ۽ ضبط ڪرڻ جون هدايتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ 33 هين اپيڪس ڪاميٽي اجلاس جي صدارت ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملا ۽ ان کانپوءِ ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته رياست جي حڪمراني قائم رکي وڃي، غير ملڪي شهرين جي حفاظت بهتر بڻائي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي حدفي ڪارروايون ڪيون وڃن. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي گھرو وزير، ڪراچي ڪور ڪمانڊر ۽ سينئر سول ۽ فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ڪاميٽي ايران تي حملي کان پوءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ حفاظتي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو. وڏي وزير چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي، منظم ڏوھن، زمين مافيا ۽ غير قانوني هٿيارن خلاف مربوط ڪارروايون جاري رکن. اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي تدارڪ بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته هيستائين 278816 غير قانوني تارڪن وطن کي ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته غير قانوني تارڪن وطن جي واپسي جو عمل جاري رکجي ۽ سندس اڳڀرائي بابت باخبر رکيو وڃي. سائنسي ۽ تربيت ادارن جي ترقي: وڏي وزير هدايت ڪئي ته سنڌ فورينسسڪ سائنس ليبارٽري ڊسمبر 2026 تائين مڪمل ڪئي وڃي جنهن سان صوبي ۾ جاچ پڙتال جي صلاحيت ۾ واڌارو ٿيندو. ساڳئي وقت ڪائونٽر ٽيرر ازم اسڪول کي فعال ڪري پروفيشنل تربيت ۽ جاچ جي مهارت بهتر ڪئي ويندي. اجلاس ۾ نيشل ايڪشن پلان تحت جاري ڪاررواين، ڪچي علائقن ۾ حفاظتي آپريشنن، غير ملڪي شهرين خاص طور تي چيني ڪم ڪندڙن جي حفاظت ۽ ٻين غير قانوني سرگرمين جي تدارڪ جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪچي جي علائقن جي ترقي لاءِ 9.49 ارب رپين جو منصوبو: وڏي وزير سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي جي علائقن لاءِ 9.49 ارب رپين جو سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبو منظور ڪيو. منصوبي تحت هڪ مخصوص `District Katcha Uplift Cell’ (DKUC) قائم ڪيو ويندو جيڪو صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر اسڪيمز جي نگراني ڪندو جيئن ڊگهي مدت لاءِ امن ۽ استحڪام يقيني بڻجي. وڏي وزير چيو ته ٽن سرحدي ڪچي جي علائقن ۾ بهتر حفاظتي صورتحال حڪومت جي هٿيار ڇڏڻ واري پاليسي جي ڪاميابي ظاهر ڪري ٿي پر پائيدار امن لاءِ مقامي ڪميونٽي لاءِ تعليم، ترقي ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهن. غير قانوني سرگرمين خلاف ڪارروايون: ايپيڪس ڪاميٽي “عزمِ استحڪام” تحت دهشتگردي ۽ منظم جرم خلاف ڪوششن جو جائزو ورتو. وڌي وزير چيو ته حفاظتي آپريشن هميشه انٽيليجنس بنياد تي ۽ حدفي هجن ۽ حڪومت ڪنهن به اينٽي اسٽيٽ عنصر کي قومي اختيار چيلنج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائم، اسمگلنگ، منشيات جي وڪري ۽ بجلي جي چوري جهڙين غير قانوني سرگرمين خلاف صفر برداشت جي هدايت ڏني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چيو ته مربوط ڪوششون تيز ڪن. غير قانوني هٿيارن خلاف ڪارروايون: اجلاس ۾ غير قانوني هٿيار رکڻ وارن خلاف ڪارروايون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪنهن کي به غير قانوني هٿيار رکڻ جي اجازت نه هوندي ۽ سڀ غير قانوني هٿيار ضبط ڪيا وڃن. ان کان علاوه ادارن جي مضبوط ٿيڻ تي اڳڀرائي جو جائزو پڻ ورتو ويو جنهن ۾ سنڌ فورينسسڪ سائنس ليبارٽري جي ڊسمبر 2026 تائين مڪمل ٿيڻ ۽ ڪائونٽر ٽيرر ازم اسڪول کي فعال ڪرڻ جا منصوبا شامل آهن جيئن تربيت ۽ جاچ پڙتال جي صلاحيت بهتر ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو