تعليم کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين تي آفيسر کي 7 سال قيد۽ ڏنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي هڪ احتساب عدالت تعليم کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ساجن ملاح کي 7 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي آهي. عدالت جوابدارکي 10 سالن تائين ڪنهن به سرڪاري ۽ عوامي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ تعليم کاتي ۾ تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي غيرقانوني ڀرتين واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ساجن ملاح کي سزا ٻڌائي وئي. ساجن ملاح کي 7 سال قيد ۽ 4 ڪروڙ 85 لک رُپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي وئي آهي. عدالت جوابدار کي ڏهه سالن تائين ڪنهن به سرڪاري ۽ عوامي عهدي لاءِ نااهل ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار ساجن ملاح سال 2008ع  ۾ ڪراچي جي اولهه ضلعي ۾ 140 اهلڪارن جون غيرقانوني ڀرتيون ڪيون هيون، هُن ڀرتين جي نالي ڪروڙين رُپين جي رشوت پڻ ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو