اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. وفاقي گهرو وزارت چنهن صوبائي چيف سڪريٽرين، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ چيف سيڪريٽري آزاد ڪشمير کي خط لکي ڇڏيو. وفاقي حڪومت جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي به خط لکيو ويو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته ويزا کانسواءِ رهندڙ ڪنهن به افغان شهريء کي 10 جولاءِ کان گرفتار ڪيو ويندو. خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته افغان شهرين سميت ويزا (اوور اسٽي – مقرر وقت کان وڌيڪ رهڻ وارن) ڪيسن جي ملڪ بدر ڪرڻ (ڊي پورٽيشن) جي عمل ۾ تيزي آندي وڃي ۽ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون وڃن. خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته 11 جولاءِ کان روزاني جي بنياد تي گهرو وزارت کي رپورٽ موڪلي وڃي، جنهن ۾ ويزا کانسواءِ پڪڙيل افغان شهرين جو انگ ٻڌايو وڃي، جڏهن ته رپورٽ ۾ ڪيل ڪارروائي ۽ سندن موجوده حيثيت به شامل هجڻ گهرجي. گهرو وزارت جي خط ۾ چيو ويو آهي ته فيصلن تي سختيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.










