غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور ڀرسان سنڌ ڍورو وٽ انڊس هاءِ وي تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل شڪي ماڻهن کي ڌاڙي جي ارادي سان بيٺل ڏٺو گشت دوران انچارج مددگار ڪنڌڪوٽ خليل احمد لغاري ۽سندس ٽيم شڪي ماڻهن کي ڏسندي ئي ڏوھارين پوليس موبائل مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جوابي ڪارروائي ڪئي پوليس ۽ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿيو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڏوھاري گرفتار ڪيا ويا جن مان هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو زخمي جي سڃاڻپ ضمير ميراڻي طور ٿي آهي ٻئي جي سڃاڻپ علي بخش ميراڻي طور ٿي آهي ٻيا جوابدار فرار ٿي وڃڻ۾ڪامياب ٿي ويا پوليس موجب ته گرفتار جوابدارن کان ھڪ عدد بنا لائسنس پسٽل ھٿ ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدار غوثپور جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ڌاڙا اسٽريٽ ڪرائيم موٽر سائيڪل ڦر موبائيل فون ڦر پڻ ڪرڻ ۾ سرگرم رھيا آھن










