ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سي ٽي ڊي ڪراچي غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، سي ٽي ڊي ترجمان موجب غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي مڇر ڪالوني ويجهو ڊاڪس ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن وٽان 2 عدد هينڊ گرنيڊ ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي، ٻنهي جوابدارن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جوابدارن مٿان حيدرآباد ۾ 3، ڄامشورو ۽ لاڙڪاڻو ۾ هڪ هڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، ٻئي جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم جا انتهائي گھربل دهشتگرد آهن، غني امان نوجوانن کي پابندي مڙهيل تنظيم ۾ ڀرتي ڪرائي دهشتگردي لاءِ همٿائيندو هو، گرفتار جوابدارن پنهنجي ساٿي نور چانڊيو ۽ ٻين دهشتگردن جي نشاندهي ڪئي آهي جن خلاف به ڪارروائي جلد عمل ۾ آندي ويندي.










