غلط علاج ٿيڻ ڪري نينگري فوت، وارثن جو احتجاج

غلط علاج ٿيڻ ڪري نينگري فوت، وارثن جو احتجاج

ميرپورخاص (سيد بشير شاهه) هيلٿ ڪيئرڪميشن جي نااهلي سبب شهر جھلوري ۾عطائي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳڻ سان 13سالا نينگري فوت ٿي وئي. جڏهن ته ڊاڪٽر پنهنجي ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿي ويو. وارثن صحافين کي ٻڌايو ته نينگري صاحبه جي طبيعت صحيح نه هئڻ ڪري ڊاڪٽر وٽ کڻي آيا سون جتي ڊاڪٽر جي انجيڪشن لڳائڻ بعد دم ڏنو.وارثن پاران ڊاڪٽر خلاف آخري اطلائن تائين حد جي پوليس جھلوري تي واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.سماجي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تحت هليٿ ڪيئرڪميشن ٽيم جوڙيل جنهن جو فائدو وٺندي هيلٿ ڪيئرڪميشن جو عطائي ڊاڪٽرن کان ڳري رشوت عيوض کين کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي جوڙيل هيلٿ ڪيئرڪمشن پاران ميڊيڪل اسٽور سيل ڪرڻ باوجود ٻيهر سرعام هلي رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو