جيڪب آباد (ن سنڌيار) جيڪب آباد جمس اسپتال ڪوس گھر بڻجي ويو ڊاڪٽرن جي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ٻن ورهين جي ٻارڙي تڙپي تڙپي فوت، والدين جو لاش کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج، انصاف جي گھر.سالياني 66 ڪروڙ کان مٿي جي بجيٽ رکندڙ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائسز جمس اسپتال مسيحا گاهه بدران ڪوس گھر بڻجي وئي آهي ، جمس اسپتال جي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري ٺل جي ڳوٺ اڪبر بنگلاڻي جو رھواسي راحب ماڇي جي ٻن ورهين جي ٻارڙي امام زويه تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي.اسپتال انتظاميا جي غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي پيءُ راحب علي پنهنجي گھرواري سميت ٻارڙي جو لاش کڻي پريس ڪلب آڏو پھچي سخت احتجاج ڪيو، ڳوٺاڻي دانھون ڪندي چيو ته منهنجي ڌيءَ تندرست ھئي، خوارڪ جي گھٽتائي سبب چار ڏينهن اڳ جمس ۾ داخل ڪيو ويو، ڪالهه به ڌيءَ تندرست ھئي، چانهه وٺڻ لاءِ ٻاهر ويس موٽي اچڻ کان پوءِ ڌيءَ اسپتال ۾ تڙپي رھي ھئي، جيڪا فوت ٿي وئي.ھن الزام مڙهندي چيو ته ڊاڪٽر ۽ عملي جي غفلت سبب ڌيءَ فوت ٿي وئي آهي، ڳوٺاڻي صوبائي وزير صحت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي معاملي جو اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي، غلط انجيڪشن لڳائيندڙ ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.ان سلسلي ۾ جمس اسپتال جي ڊائريڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ سان موقف لاءِ رابطو ڪيو ويو پر ان نمبر اٽينڊ نه ڪيو آهي.










