غزه  ۾ اسرائيلي بمباري، ڪيترائي ٻارڙا شهيد ۽ زخمي

غزه ۾ اسرائيلي بمباري، ڪيترائي ٻارڙا شهيد ۽ زخمي

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي فورسز طرفان سڄي رات بمباري ڪئي وئي، ديرالبله واري علائقي ۾ رهائشي عمارت تي حملي ۾ ڪيترائي ٻارڙا شهيد ۽ زخمي ٿي پيا.رفح ۾ ڪويت جي اسپتال ويجهو اسرائيلي حملي ۾ 21 فلسطيني شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج ڪيترن ئي فلسطينين کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ ٻار به شامل آهن ۽ کين بيگناهه قطارن ۾ بيهاريو ويو.ان کان اڳ به اسرائيلي فوج جباليا ڪيمپ مان فلسطينين کي گرفتار ڪري کين ننگا ڪري روڊ تي ويهاريو هو.ان واقعي جي وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته اسرائيلي فوج فلسطينين جا ڪپڙا لاهيندي ۽ کين روڊ تي ويهاريندي.وڊيوز سامهون اچڻ کانپوءِ انساني حقن جي عالمي تنظيمن اسرائيلي فوج جي ان عمل جي سخت مذمت ڪئي ۽ اسرائيل جي رويي کي غير انساني قرار ڏنو.اسرائيلي وزيراعظم جي صلاحڪار ان توهين آميز رويي جو دفاع ڪندي چيو ته ائين ڪرڻ سان دنيا ختم ناهي ٿي.اسرائيلي وزيراعظم جي صلاحڪار به جرئتمنديءَ سان چيو هو ته وچ اوڀر ۾ به موسم گرم آهي.ٻئي طرف حماس جو وفد جنگ بندي جي مصري فارمولي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ اڄ قاهره روانو ٿيندو.حماس واضح ڪيو آهي ته جيستائين فلسطينين خلاف اسرائيلي جارحيت مڪمل بند نه ٿيندي، تيستائين ڪو به معاهدو قبول نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو