يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته غزه تي مستقل قبضي جو ڪو به ارادو ناهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سندس مقصد غزه کي حماس کان آزاد ڪرائڻ ۽ اسرائيلي شهرين کي بازياب ڪرائڻ آهي.اسرائيلي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اهي مقصد حاصل ڪرڻ کانپوءِ غزه مان فوج واپس گهرائي سگهجي ٿي.










