واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) غزه ۾ فلسطينين تي اسرائيلي بمباري روڪرائڻ جي لاءِ مظاهرو ڪندڙ تقريبن 500 يهودين کي آمريڪي ڪانگريس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ايجنسي موجب جنگ مخالف گروپ جيوش وائس فارپيس طرفان اهو مظاهرو ڪيو ويو آمريڪي ڪانگريس جي عمارت ۾ مظاهرين هڪ وڏو بينر کڻي رکيو هو جنهن ۾ لکيل هو ته جنگ بند ڪريو ڇو ته اسرائيل جي بمباري سان غزه جي پٽي ۾ فوتگين جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جيوش وائس فار پيس ٻڌايو ته تقريبن 10 هزار ماڻهن امريڪي گادي وارن شهرن جي روڊن تي مارچ ڪيو. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ جنگ سبب اسرائيل غزه جي پٽي جو مڪمل گهيراءُ ڪري رکيو آهي. فلسطنين جي لاءِ پاڻي، خوراڪ، بجلي ۽ طبي امداد جي فراهمي مڪمل طور تي بند رکي وئي آهي. اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جي نتيجي ۾ هينئر تائين غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ساڍا 3 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته حماس طرفان اسرائيلي شهرن ۾ حملي سبب هينئر تائين ڏيڍ هزار ماڻهو مارجي ويا آهن جنهن ۾ سوين اسرائيلي فوجي به شامل آهي.










