غزه (ويب ڊيسڪ)غزه تي اسرائيلي فوج جي بربريت جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.اسرائيل غزه ۾ رهائشي علائقن تي بمباري ڪئي جنهن ۾ سوين فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اسرائيلي فوج امداد جي انتظار ۾ ويٺل فلسطينين تي شيلنگ پڻ ڪئي.ٻئي طرف فلسطيني مزاحمت جي حملن ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي مارجي ويا، ڪيترائي ٽينڪ ۽ بلڊوزر پڻ تباهه ٿي ويا.ٻئي طرف غزه ۾ امن جو سفيد جهنڊو کڻندڙ فلسطينين جي شهادت کي برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر پاران جنگي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو.برطانوي پاڪستاني پارليامينٽ جي ميمبر افضل خان غزه ۾ فوري جنگبندي لاءِ پارليامينٽ ۾ درخواست جمع ڪرائيندي چيو ته سمورن يرغمالين کي به فوري آزاد ڪيو وڃي.










