غريب گهراڻن جي نياڻين جي پرڻي لاءِ مفت شادي هال قائم

غريب گهراڻن جي نياڻين جي پرڻي لاءِ مفت شادي هال قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي علائقي ايف 8 ۾ قائم مسجد رحمت اللعالمين غريب گهراڻن جي نياڻين جي شادي لاءِ مفت شادي هال تعمير ڪري ڇڏيو.شادي هال جي تعمير جو مقصد حقدار خاندانن لاءِ انهن جي نياڻين جي شادي جهڙي عظيم ڏينهن کي يادگار بڻائڻ آهي، هال ۾ گهوٽ ڪنوار لاءِ اسٽيج جو انتظام، ڪراڪري، ٽيبل، ڪرسيون ۽ ويٽر به مفت فراهم ڪيا ويندا.حقدار گهراڻن کي ان شادي هال ۾ تقريب لاءِ 3 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويندو.مسجد انتظاميا جو چوڻ آهي ته والدين ڌيءَ جي شادي لاءِ خطيب پنهنجي مرضي سان به چونڊي سگهن ٿا. مسجد انتظاميا جي ڪميٽي جي ميمبر ٻڌايو ته مسجد جي تجويز آهي ته تقريب ۾ شرڪت لاءِ مهمانن جو انگ 100 يا 120 تائين محدود هجي، اسلامي تعليم کي ترجيح ڏيندي مردن ۽ عورتن جو انگ برابر هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو