ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت غريب ۽ مستحق فنڪارن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل مئنيجمينٽ بورڊ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ثقافت کاتي جي ترجمان موجب، چيف سيڪريٽري سنڌ، وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه جي منظوري سان نون ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ ثقافت کاتي جي تحت اوقاف ۽ اسڪالرشپ لاءِ قائم ڪيل مئنيجمينٽ بورڊ 2018 جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو، ترجمان موجب، ثقافت ۽ سياحت جو وزير ذوالفقار علي شاهه مئنيجمينٽ بورڊ جو چيئرمين هوندو، سيڪريٽري ڪلچر وائيس چيئرمين هوندو ۽ ڊي جي ڪلچر بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ميمبر هوندو. ترجمان چيو ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر، سکر آرٽس ڪائونسل جو صدر، سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي بورڊ، ڳائڻي صنم ماروي ۽ ڳائڻي رجب فقير، مشهور اداڪار جاويد شيخ، ايوب کوسو، احسن خان، منيب بٽ، مشهور ليکڪ نورالهديٰ شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، يوسف بشير قريشي ۽ عرفان سمون ڪميٽي ميمبرن ۾ شامل آهن، ثقافت کاتي جي ترجمان موجب، بورڊ غريب ۽ مستحق فنڪارن، ليکڪن، شاعرن ۽ اداڪارن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو، جڏهن ته بورڊ جي سربراهن ۽ ميمبرن جي گڏيل فيصلن سان ضرورتمندن کي مالي مدد جاري ڪئي ويندي.










