غريبن ۾ گرم ڪپڙا ورهائڻ لاءِ ڪيمپ قائم

غريبن ۾ گرم ڪپڙا ورهائڻ لاءِ ڪيمپ قائم

سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ) ٻهراڙيءَ جي غريب ، لاچار ۽ مستحق ماڻھن ۾ سيءَ کان بچڻ جي لاءِ جماعت خانه سڪرنڊ ٻه روزه مفت گرم ڪپڙن ورهائڻ جا اسٽال لڳايا جتي لڳ ڀڳ 600 گرم ڪپڙا ورهايا ويا جنهن ۾ 200 مردانه 200 زنانه ۽ 200 ٻاراڻا شامل هئا ان موقعي خودي ويلفيئر آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيٽو شبير احمد خانزاده ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احساس سڀ ڪجھ هوندو آهي اسين پاڻ سکيا ستابا آهيون هر سُک مليل آهي پر غريب ماڻھو سکن کان محروم آهي ان ڪري دل ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته جيڪڏھن ٻيو ڪجھ نٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي جيب خرچيءَ مان ته ٿورو ئي سهي پر ڪجه ڪري سگهجي ٿو بس ان احساس هي خدمت ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو هن اهو به ٻڌايو هن خير جي هن ڪم ۾ سندس دوستن ذوالفقار خانزاده ، حماد ، شهريار ، شناور ، عاشر ، عزير ، فهميد ، لاريب ، حسنين ۽ منهاج آصف جو سهڪار شامل آهي اسٽال وزٽ ڪرڻ وقت همدرد سپورٽ پروگرام جي چيئرمين قاضي جاويد سنائي ڳالهائيندي چيو ته اڄ هنن نوجوانن تاريخ جوڙي ڇڏي آهي چندي يا پرائي پئسي تي هرڪو ڪم ڪري ٿو پر پنهنجي اسڪول يا ڪاليج جي جيب خرچيءَ مان ههڙا اسٽال لڳائڻ ڪا گهٽ اهميت واري ڳالھ ناهي هن اهو به چيو ته مفت اسٽالن لڳائڻ جي حيران ڪن ڳالھ ۽ خوبي اها به هئي ته هر ايندڙ مرد .  عورت توڙي ٻار کي پنهنجي سائيز۽ پسند جا ڪپڙا کڻڻ جو اختيار ڏنو ويو هو قاضي جاويد اهو به چيو ته ڳالھ سڄي دل جي هوندي آهي پئسي جي نه ڇاڪاڻ جو پئسي وارا سڪرنڊ ۾ اڻڳڻيا آهن پر نيڪي ان جي حصي ۾ اچي ٿي جنهن جي دل ۾ احساس پيدا ٿئي يا الله پاڪ جلشانه ڪنهن جي چڱي ڪم لاءِ چنڊ ڪري اسٽالن وقت سيڪيورٽي جا انتظام پڻ ٿيل هئا جڏھن ته ايس او پيز تي پڻ عمل جي ڪوشش ڪئي وئي هئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو