غازي ڳوٺ متاثرن جو احتجاج جاري، مرڻ گهڙي تائين جدوجهد جاري رهندي:متاثر

غازي ڳوٺ متاثرن جو احتجاج جاري، مرڻ گهڙي تائين جدوجهد جاري رهندي:متاثر

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي عبدالله شاه غازي ڳوٺ اي بلاڪ متاثرن جو ڳوٺ کي ليز ڏيارڻ ۽ گهرن جي تحفظ لاء 94 هين ڏهاڙي به احتجاج جاري رهيو احتجاجي ڪئمپ تي متاثرن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن طرفان بلڊر مافيا جي زيادتن پوليس گردي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهر ڪئي. ان موقعي تي اشفاق عباسي . ڊاڪٽر الطاف ميمڻ . آرٿر برقي . معشوق منگي ۽ ٻين چيو ت ته بلڊر مافيا جعلساز روينيو عملدارن کي مدد سان عبداللله شاهه غازي ڳوٺ اي بلاڪ کي ڊاهرائي اسان کي گهرن کان بيدخل ڪرڻ چاهي ٿو پوليس سندس چرچ تي اسان جي گهرن تي ڪاهون ڪري ظلم بربريت قائم ڪندي اسان جي عورتن معصوم ٻارڙن توڙي مردن مٿان گوليو آسو گئس شيل وسايا سخت مزاحمت بعد آپريشن بند ڪيو ويو پر اڃا تائين بلڊر ٻيهر گهرن کي ڊاهڻ جون سازشون ڪندو رهي ٿو اسان ڳوٺ کي ليز ڏيارڻ گهرن جي تحفظ لاء لاڳيتو سراپا احتجاج آهيون پر کي اڃا تائين انصاف ناهي مليو جيستائين جو ڳوٺ ليز نه ڪيو ويندو احتجاج جو سلسلو جاري رهندو اسين مرڻ گهڙي تائين پنهنجي گهرن جو تحفظ ڪرڻ لاء جدوجهد ڪنداسين .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو