اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پاڪستان هاءِ ڪميشن جي اختيارين کي فوري طور تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏي تي حملو مذمت جوڳو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نادرا کي حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته فوٽيجز جي ذريعي حملو ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي.محسن نقوي چيو ته حملو ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن جي خلاف پاڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ۽ پاسپورٽ رد ڪيا ويندا. گهرو وزير چيو ته جنهن حملو ڪيو انهن جي شهريت فوري طور تي ملتوي ڪرڻ جي ڪارروائي ڪئي ويندي. شهريت ختم ڪرڻ جو ڪيس منظوري جي لاءِ وفاقي ڪابينه ڏانهن اماڻيو ويندو ڪنهن کي به اهڙي طرح سان حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.هن چيو ته لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي ڪار تي به حملو ٿيو، انهي تي خاموش نٿا ويهي سگهون. اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون ته پوءِ انهي کي سيڪيورٽي ڇو نه ڏني وئي انهي جي به جاچ ڪئي ويندي.










