لاهور(ويب ڊيسڪ)عيد الاضحيٰ ويجهو ايندي ئي سبز مصالحن جا اگهه وڌي ويا آهن.تفصيل موجب دڪاندار سرڪاري اگهه بدران ڀاڄيون ۽ ٻيو مصالحو مناسب اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهن.لاهور ۾ پياز 80 کان 110 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويو، جڏهن ته ٽماٽو جو اگهه 100 کان 140 رپيا في ڪلو ٿي ويو.ليمون به مهانگو ٿي ويو آهي ۽ 320 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، لہسن 250 کان 300 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.ان کان علاوه سائي مرچ 120 رپيا في ڪلو ۽ دانهي 20 رپيا في ڪلو ملي ٿي.










