ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيد الفطر جي موقعي تي سزا مليل قيدين جي سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سزا مليل قيدين جي 120 ڏينهن جي معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي.هي معافي موت جي سزا، قتل، جاسوسي، دهشتگردي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث عناصر تي لاڳو نه ٿيندي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سزا ۾ معافي جو مطلب قيدين کي زندگيءَ جي مثبت عمل ڏانهن راغب ڪرڻ آهي










