ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير پوليس کي جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو آهي ته عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي تيار ڪيل ضابطه اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. ڪنهن به جماعت، تنظيم، مدرسي يا خيراتي اداري کي حڪومت پاران جاري ڪيل اين او سي کانسواءِ کلون گڏ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. پوليس ترجيحي بنياد تي رينج، زون ۽ ضلعن جي سطح تي تيار ڪيل عيد الاضحيٰ سال 2024 جي ڪنٽيجنسي پلان تي سختي سان عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته سموريون رجسٽرڊ فلاحي ۽ سماجي تنظيمون، ديني مدرسا وغيره ۽ ٻيا اسٽيڪ هولڊر سنڌ سرڪار طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق جي شرطن جا پابند هوندا. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته عيد الاضحيٰ سيڪيورٽي پلان تحت سينٽرل پوليس آفيس ۾ ٺاهيل سينٽرل ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر کان وقت بوقت جاري ڪيل حڪمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ هر سطح تي قدم کنيا وڃن ته جيئن سرويلنس/ نگراني/ مانيٽرنگ جي بدولت شڪي سرگرمين جي نشاندهي ڪري سگهجي ۽ دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي بروقت روڪڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ امن و امان قائم ڪرڻ ۽ حالتن تي مڪمل پوليس ڪنٽرول کي يقيني بڻائي سگهجي. ان کان علاوه ان سلسلي ۾ شهر ۾ قائم زونل ڊسٽرڪٽ ڪنٽرول رومز ۽ ٿاڻن جي وائرليس ڪنٽرول رومن جي وچ ۾ رابطن جهڙن قدمن کي به تمام مضبوط ۽ بهتر بڻايو وڃي، هن چيو ته صوبي ۾ عيد جي نماز جي سمورين مسجدن، امام بارگاهن، عيدگاهن ۽ عيد نماز جي ٻين کليل هنڌن جي فهرستن جو جائزو ورتو وڃي ۽ بعد ۾ انهن کي درجه بندي ۾ ورهايو وڃي ته جيئن نه رڳو لاڳاپيل پوليس پر پوليس ڪمانڊوز جي مقرري کي به يقيني بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته تيار ڪيل منصوبي تحت ايس ايس پيز، ايس پيز، ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز جي ذميوارين کي به مضبوط ۽ جامع بڻايو وڃي. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي پلان تحت پوليس ٿاڻن جي سطح تي سادي ڪپڙن جي اهلڪارن تي مشتمل سرويلينس ٽيمون به ٺاهيون وڃن، جن جي مقرري شاپنگ سينٽرن جي اندروني ۽ آس پاس، ڀريل عوامي جاين، جانورن جي منڊين، مقرر ڪيل پارڪنگ لاٽس ۽ عيد جي نماز جي جاين جي اندروني حصن ۽ چوڌاري ڪئي وڃي.










