عيد الاضحيٰ آچر 10 جولاءِ تي ٿيندي : چنڊ ڏسڻي ڪميٽي

عيد الاضحيٰ آچر 10 جولاءِ تي ٿيندي : چنڊ ڏسڻي ڪميٽي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ ڪٿي به ذوالحج مهيني جو چنڊ نظر نه آيو، جنهن جو باضابطا طور اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي طرفان ڪيو ويو آهي. ذوالحج مهيني جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت ڪميٽي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪئي. اجلاس ۾ مرڪزي ۽ زونل ڪميٽين جي ميمبرن، موسميات کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اختيارين به شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو ته اڄ ملڪ ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه اچي سگهيو، جنهن کانپوءِ عيد الاضحيٰ آچر 10 جولاءِ تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو