ٺل(عبدالنبي شيخ)ڪريم بخش کوسو جا 3 پورهيت عورتاڻي آواز ۾ ڪرمپور کان هرکجي اغوا، هڪ پورهيت وجهه وٺي ڀڄي جان بچائي، وارثن کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو، خبر پوڻ بعد مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. دلمراد ٿاڻي جي حد ڪريم بخش کوسو جا 3 پورهيت 40 سالن جو علي حسن بنگلاڻي، 30 سالن جو پنهل بنگلاڻي، 25 سالن جو مولا بخش بنگلاڻي عورتاڻي آواز ۾ ڪرمپور مان هرکجي اغوا ٿي ويا، پنهل بنگلاڻي وجهه وٺي ڀڄي جان ڇڏائي، ڀڄي نڪتل نوجوان وارثن سان اغوا جي واقعي بابت فون تي ٻڌايو، ٻن نوجوانن جي اغوا جي خبر گهرن ۾ پوڻ تي روڄ راڙو مچي ويو،مغوين جي بازيابي لاءِ گهرن ۾ ورد جاري، ڌاڙيلن وٽان ڀڄي نڪتل پنهل بنگلاڻي جو چوڻ آهي ته علي حسن بنگلاڻي ۽ مولا بخش بنگلاڻي ٻن مهينن کان وٺي فون تي ڳالهائيندا هئا، ڪالھه عورتاڻي آواز ۾ فون ڪري ڪرمپور جي بيگاري پل تي گھرايو ويو، ڪرمپور جي بيگاري واري پل تي 12 وڳي ڏينهن جو جيئن پهتاسين ته 3 هٿياربند اسان کي کنڀي ٻيلي ۾ اڇلايو، رات جي وقت اسان کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو، اتي 4 هٿياربندن موجود هئا، اسان کي انهن جي حوالي ڪري واپس موٽي ويا. رات برسات سبب مون مرڻ جو آسرو پلي ڀڄي نڪتم ته هٿياربندن مون تي فائرنگ ڪئي.صبح 6 وڳي ڪرمپور جي پڪي تي پهتس، مان هن ٽائيم ڪرمپور جي پوليس جي حوالي آهيان.پوليس موجب جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻن مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.










