ٺل(عبدالنبي شيخ)عورتاڻي آواز تي مهينو اڳ هرکجي اغوا ٿيل ويل شاگرد وقار شيخ۽ عاقب دايو ڌاڙيلن کان ڀڄي گهر پهتا،مغوين جي بازياب ٿيڻ بعد گهر ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي،مغوين جي وارثن پاران کين گلن جا هار پارايا ويا،سنڌيار سان ڳالهائيندي مغوين چيو ته اسان کي ڪرمپور مان اسڪوٽر تان لاهي هٿن ۽ اکين تي پٽيون ٻڌي ڪنهن کڏ ۾ وڃي اڇلايو ويو هو.

پنجن ڏينهن تائين اسان کي ماني به نه ڏني وئي،اسان سان زيادتي به ڪندا هئا،ڪالھه ڌاڙيلن جي شادي هئي هو ان ۾ شرڪت لاءِ ويا ته اسين وجھه وٺي ڀڄي ڪرمپور روڊ تي پهتاسين ته ڪنهن کان فون وٺي پنهنجي گهر وارن سان رابطو ڪيو ، اهي پهچي اسان کي گهر وٺي آيا،چوٻول آهن ته مغوين کي6لک ڀنگ ڀري بازياب ڪرايو ويوآهي.










