عورتاڻي آواز تي اغوا ٿيل ٻن سوٽن کان 25 لک ڀُنگ طلب

عورتاڻي آواز تي اغوا ٿيل ٻن سوٽن کان 25 لک ڀُنگ طلب

ڪشمور (جي ايم کوسو ) اسان اغوا ٿي ويا آهيون ڌاڙيل 25 لک روپيا ڀنگ گهري رهيا آهن، مهرباني ڪري ڇڏايو وڃي. اها ڳالهه عورتاڻي آواز تي ڪشمور مان اغوا ٿي ويل ٻن سوٽن آصف شيخ ۽ عرفان شيخ پنهنجي وارثن کي فون ڪري چئي آهي. ڪشمور ضلعو جيڪو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ وارن جو وڏو مرڪز بڻجي ويو آهي. پوليس جي رڪارڊ موجب هن وقت تائين ملڪ جي مختلف شهرن مان 100 کان مٿي اغوا جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن پر پوءِ به ماڻهو مڙن نٿا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيترا ماڻهو ڀنگ ڀري ۽ ڪجهه پوليس هٿان بازياب ڪرايا ويا آهن پر هن وقت به 32 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن. ڪشمور پوليس موجب تازو اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آھن فون ٽريسنگ ذريعي نشاندھي ٿي وئي آھي.   

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو