عوام کي ٻيهر بجلي جو جهٽڪو لڳائڻ جي تياري

عوام کي ٻيهر بجلي جو جهٽڪو لڳائڻ جي تياري

اسلام آباد(بيورو)سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ بجلي جي يونٽ قيمت ۾ هڪ رپيو 50 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.نيپرا جو چوڻ آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي اپريل جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 31 مئي تي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان صارفين تي 59 ارب 45 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پئجي سگهي ٿو. ذريعن موجب فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست اليڪٽرڪ کانسواءِ بجلي جي سڀني ڊويزنن جي ڪمپنين جي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو