ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته ڪراچيءَ جي عوام فاشزم، ڪوڙ ۽ الزام تراشي ۽ ڌرڻن جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي تي ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ واري جماعت اسلامي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته آمر پرويز مشرف جو اُهو زمانو گذري چڪو آهي جڏهن ايم ايم اي ۾ شامل جماعت اسلامي سميت ٻين جماعتن کي 60 سيٽون مليون هيون. هاڻي مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڀني کان وڌيڪ اڪثريتي سيٽون حاصل ڪندڙ جماعت آهي ان لاءِ جماعت اسلامي ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت عوامي مينڊيٽ کي سِرخم تسليم ڪري، انشاءَ الله ڪراچيءَ جو ميئر پيپلز پارٽيءَ جو جيالو بڻجندو. سومر ڏينهن سيسي ۾ مزدورن جی عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچيءَ جي عوام شهر کي ٿنڈر اسڪواڊ جي حوالي ٿيڻ نه ڏيندي. هن چيو ته حافظ نعيم الرحمٰن صاحب! تعصب پرست نه بڻجو ۽ مذهب ۽ زبان کي تعصب ۾ نه آڻيو ڇاڪاڻ تعصب جي سياست توهان کي ئي نقصان ڏيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي جاگيردارن جي جماعت چوندڙن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه اسان وٽ به آهي پر نفرتن جي سياست کي اڀارڻ بند ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عام چونڊن ۾ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪندڙ جماعت اسلامي تعصب جي سياست کان گريز ڪري.عام چونڊن ۽ ان کان پوءِ هر چونڊن ۾ هارائيندڙ جماعت اسلامي عوام جي ووٽن تي اعتماد ڪري پيپلز پارٽي جي اڪثريتي مينڊيٽ کي تسليم ڪري. هن چيو ته پيپلز پارٽي رنگ نسل، مذهب ۽ زبانن کان بالاتر ٿي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪري رهي آهي. هن بلدياتي چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابيءَ تي قيادت، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جنهن طرح عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪيو آهي اهڙي طرح پيپلز پارٽي عوام جي اعتماد تي پورو لهندي. نثار کهڙي سيسي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي طاقت سان پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ سڄي ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪري بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن ۽ هارين کي رليف فراهم ڪري رهي آهي ۽ مزدورن جي ماهوار اجرت 25 هزار روپيا مقرر ڪئي آهي جنهن اجرت کي سنڌ حڪومت آصف علي زرداريءَ جي هدايت تي وڌيڪ وڌائڻ تي غور ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٻوڏ ۽ طوفافي برساتن کان پوءِ سنڌ حڪومت هارين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ٻج جي رقم ڏئي رهي آهي جنهن جو ٻيو مرحلو به شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مزدورن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مزدور کي مزدور ڪارڊ به ڏنا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسين پاڪستان ۾ جمهوري سياسي نظام جا حامي آهيون ۽ عمران خان جي سازش ۽ ڪوڙ واري سياست جا مخالف آهيون ۽ دهشتگردي جي سياست کي پڻ رد ڪيون ٿا. جمهوريت ۽ آئين جو دفاع ڪندا رهنداسين.










