عوام جي آزادي لاءِ ٻاهر نڪرنداسين، ڪجهه به ٿئي: گنڊاپور

عوام جي آزادي لاءِ ٻاهر نڪرنداسين، ڪجهه به ٿئي: گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته بجلي ۽ گئس ڪٽجي وئي آهي، عوام تي بار وڌو پيو وڃي، عوام جي آزادي لاءِ ٻاهر نڪرنداسين، چاهي ڪجهه به نه ٿئي.پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن، ٻارن کي تعليم ڏيارڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي.هن چيو ته هن پروگرام تحت 14 هزار ٻارن پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي آهي.علي امين گنڊاپور نصيحت ڪندي چيو ته جن کي يقين آهي ته هو ڪامياب ٿيندا اهي هميشه ڪامياب ٿيندا آهن، ڪڏهن به پنهنجو اعتماد نه وڃايو، پاڻ تي يقين رکو، نوجوان اسان جو مستقبل آهن.هن چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪو به اسڪول فرنيچر کانسواءِ نه هوندو، توهان ڊيوٽي نه ڪندڙ ملازمن جي نشاندهي ڪريو، اسان کي عمارت نه تعليم ڏيڻي آهي، اسپتال نه پر علاج ڏيڻو آهي.ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته هو قبائلي ضلعن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو، هن فيصلو ڪيو آهي ته اسڪولن ۾ ڪو به ٻار زمين تي نه ويهندو، جن اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي انهن کي هر صورت ۾ فرنيچر فراهم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو