عوام جو ردعمل ڏسي کيس  گرفتار نه ڪيو ويو: عمران خان

عوام جو ردعمل ڏسي کيس گرفتار نه ڪيو ويو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان چيو ته منهنجو پلان هو ته مون کي 3 وڳي 4 وڳي گرفتار ڪيو ويندو، عوام جو ردعمل ڏسي مون کي گرفتار نه ڪيو ويو.هنن جو چوڻ آهي ته شهباز گل تي تشدد ڪيو ويو، مون ڪارروائي ڪرڻ جو چيو پر ان جي ابتڙ هنن مون تي دهشتگردي جا نوٽس جاري ڪيا. مراد سعيد جنهن انداز ۾ ماڻهن کي متحرڪ ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي.هن چيو ته اسان جي پارٽي اونچي ٿي وئي آهي، هميشه ائين ٿيندو آهي جڏهن ميچ کٽي ويندي آهي ته ٻي پارٽي دٻاءُ ۾ ايندي آهي، الله تعاليٰ تحريڪ انصاف کي موقعو ڏنو آهي، ايتري مقبوليت ڪنهن به پارٽي کي ناهي ملي.سندس چوڻ آهي ته پنجاب ۾ عمران خان جي ڪاميابي کانپوءِ تحريڪ انصاف وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي. ملڪ ۾ انقلاب اچي رهيو آهي ۽ توهان سڀ ان جو حصو آهيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ ائين نه ٿيو آهي جو عوام هڪ سڏ تي روڊن تي نڪري آيو هجي.هن چيو ته اسان ملڪ جي تقدير بدلائي سگهون ٿا، اها ئي اصل آزادي جي تحريڪ آهي، 9 تڪن تي چونڊون اسان لاءِ فائديمند هونديون، موقعو ضايع نه ڪنداسين، قوم ۾ اهو جذبو نظر اچي رهيو آهي جيڪو اندر ناهي. سياست جا 26 سال پورا ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو