عوام جون زندگيون بچائڻ لاءِ ٻه ٽي مهينا جلسا نه ڪريو، وزيراعظم

عوام جون زندگيون بچائڻ لاءِ ٻه ٽي مهينا جلسا نه ڪريو، وزيراعظم

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جلسن سان حڪومت کي ڪوبه فرق نه پوندو پر ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ ٿيندو ۽ عوام جون زندگيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. ڪورونا تي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (اين سي سي) جي اجلاس کان پوءِ خطاب ڪندي  وزيراعظم چيو ته ڪورونا وڌيڪ پکيڙجي ٿو جڏهن وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن  ڪو جلسو ٿيندو آهي ته ان جا اثر هفتي يا ڏهه ڏينهن کانپوءِ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن چيو ته ملتان ۾ اپوزيشن جي جلسي بعد اسپتال جا بسترا 64 سيڪڙو ڀرجي ويا آهن.وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي قوماتحاد سان  ايس او پيز تي عمل ڪري ڪورونا جو پهريون ايس او پي ماسڪ استعمال ڪرڻ آهي  ، ٻي لهر ۾ سڄي دنيا لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. مون پهرين لهر عوام کي لاڪ ڊائون کان بچايو.وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پهرين لهر ۾ قوم ايس او پيز تي عمل ڪيو  پنهنجي مدد اها آهي ته هر ڪنهن کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي جلسن ڪرڻ سان هن کي ڪو به فرق نه پوندو ،عوام جي زندگين لاءِ خطرو آهي هن عوام کي اپيل ڪئي  ته احتياط  ڪريو ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪريو.ياد رهي ته پي ڊي ايم 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو