عوام اڳوڻي آرمي چيف جي مڙهيل ڪردارن کي ڀوڳي پئي:عمران خان

عوام اڳوڻي آرمي چيف جي مڙهيل ڪردارن کي ڀوڳي پئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان رپئي جي قيمت ۾ تاريخي گهٽتائي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته پاڪستان جي عوام اڳوڻي آرمي چيف پاران ملڪ تي ڏوهارين کي مسلط ڪرڻ جي وڏي قيمت ادا ڪري رهي آهي.هن چيو ته پ پ جي حڪومت جي 11 مهينن ۾ رپئي جي قدر ۾ 65 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب ملڪي قرضن ۾ 14 هزار ارب رپين کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي ۽ 75 سالن ۾ مهانگائي بلند ترين سطح تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو