اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو ايف 9 پارڪ ۾ گڏ ٿي اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج ڪن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ (ن) ليگ جي شڪست کانپوءِ سموري رياستي مشينري ۽ اليڪشن ڪميشن جي چالبازين جي باوجود چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن… امپورٽ ٿيل حڪومت سان گڏجي تحريڪ انصاف خلاف ٽيڪنيڪل اوزار استعمال ڪيا ويا، ناڪ آئوٽ جي سازش رچائي وئي. هن چيو ته هاڻي سڄي پ پ کي خوف آهي ته عام چونڊن ۾ به ائين ئي ٿئي. پي ٽي آءِ چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته هو اڄ شام 6 وڳي ايف نائن پارڪ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن خلاف پرامن احتجاج لاءِ گڏ ٿين، مان ان جلسي کي شام 7 وڳي خطاب ڪندس.










