اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد کي نجي هائوسنگ سوسائٽي جي گهر مان اسلام آباد پوليس موٽر وي تان گرفتار ڪيو آهي.شيخ رشيد احمد جي ڀائٽي شيخ رشيد شفيق تصديق ڪئي آهي ته شيخ رشيد احمد کي پوليس گرفتار ڪيو آهي.هن چيو ته شيخ رشيد کي راولپنڊي ويجهو سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي هن چيو ته هن وقت گرفتاري بابت وڌيڪ ڪا به ڄاڻ ناهي، هو شيخ رشيد جي رهائشگاهه تي وڃي رهيا آهن، وڌيڪ بعد ۾ ٻڌائي سگهندا.پوليس ذريعن موجب شيخ رشيد احمد کي نشي جي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس گاڏي مان هڪ بوتل به هٿ ڪئي وئي آهي ۽ ڪجهه هٿيار به برآمد ٿيا آهن، شيخ رشيد احمد کي اسلام آباد جي آبپاره ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. مٿس الزام آهي ته هن 27 جنوري تي هڪ ٽي وي پروگرام ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي عمران خان کي قتل ڪرڻ جي منصوبي جو الزام لڳايو هو. آبپاره ٿاڻي جي پوليس هن کي پولي ڪلينڪ ۾ طبي چڪاس لاءِ آندو ۽ رمانڊ لاءِ کيس جلد عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










