عوامي خدمت سڀ کان وڏي عبادت آهي،ٽيسوري

عوامي خدمت سڀ کان وڏي عبادت آهي،ٽيسوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته عوامي خدمت سڀ کان وڏي عبادت آهي، ڪرسي کي طاقت جي نه پر خدمت جي ذريعن طور استعمال ڪريو. پاڪستان ۾ پرائمري ايجوڪيشن ڪميشن جو قيام وقت جي ضرورت آهي. موجوده تعليمي نظام کي وڌيڪ عملي بڻائي سگهجي ٿو ۽ شاگردن کي اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو. عوام جي حقيقي خدمت صرف مقامي حڪومت کي بااختيار بڻائڻ سان ممڪن آهي. اھڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ 38 هين سينئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته توهان کي هي عهدو عوام جي خدمت لاءِ ڏنو ويو آهي. ايمانداري، وقت جي پابندي ۽ عوامي مسئلن کي جلدي حل ڪرڻ جي صلاحيت هڪ آفيسر جي اصل سڃاڻپ آهي. گورنر سنڌ آفيسرن کي صلاح ڏني ته آفيسرن کي پنهنجي آفيسن جا دروازا به عوام لاءِ کليل رکڻ گهرجن. هن چيو ته اڄ گورنر هائوس جا دروازا عوام لاءِ کليل آهن ته جيئن هن تاريخي عمارت کي ويجهي کان ڏسي سگهجي. هن چيو ته ڪرپشن، سفارش ۽ ناانصافي ڪنهن به اداري کي خالي ڪري ڇڏي ٿي. هن چيو ته آفيسرن کي عوام سان نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ گهرجي، انهن جي درد کي محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ انصاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته گورنر هائوس ۾ نوجوانن لاءِ آئي ٽي، راندين ۽ ٽيلنٽ ايوارڊ جهڙا ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن. اڄ گورنر هائوس ۾ 50 هزار نوجوان جديد آئي ٽي ڪورسز ۾ مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. تربيت دوران، نوجوان هر مهيني هزارين ڊالر ڪمائڻ جي قابل ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آئي ٽي نوجوانن لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪرين لاءِ ادارن سان ايم او يو تي به صحيحون ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو