لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيمه کي پنجاب جي گهرو معاملن جو صلاحڪار بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي گهرو وزارت لاءِ اڳوڻي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب عمر سرفراز چيمه کي وڏي وزير جو گهرو وزارت بابت صلاحڪار بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبائي گهرو وزير هاشم ڊوگر جي استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ پنجاب ۾ گهرو وزارت جو عهدو خالي هو.سينئر صحافي حامد مير موجب عمران خان هاشم ڊوگر کان خوش نه هو ان لاءِ هن پاڻ هاشم ڊوگر کان استعيفيٰ ورتو پر هاشم ڊوگر استعيفيٰ جو سبب ذاتي مصروفيتون ٻڌايو آهي.ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي وفاق ۾ حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ عمران خان ان وقت جي گورنر چوڌري سرور کي هٽائي عمر سرفراز چيمه کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪيو هو.عمر سرفراز چيمه حمزه شهباز جي وڏي وزير بنجڻ تي ان کان عهدي جو حلف وٺڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت طرفان کيس گورنر جي عهدي تان هٽايو ويو هو.










