عمرڪوٽ: (ن س) سامارو جي ڳوٺ ابراهيم سينهڙو ۾ ننڍي ڀاءُ مبينا طور تي وڏي ڀاءُ کي موت جي گھٽ لاهي ڇڏيو. پوليس موجب خادم سينهڙو نالي شخص پنهنجي وڏي ڀاءُ جو لاش لاڳاپيل اسپتال کڻائي آيو هو، جنهن جي ڳچيءَ ۽ ڇاتيءَ تي 2 گوليون لڳڻ جا نشان آهن. خادم سينهڙو جو چوڻ هو ته اتفاقي گولي لڳڻ سبب وڏو ڀاءُ فوت ٿيو، جنهن تي شڪ جي بنياد تي خادم سينهڙو کي تحويل ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته مقتول جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ واقعي جو باقاعده ڪيس درج ڪيو ويندو.










