عمرو ادا ڪندڙن لاءِ آن لائن ويزا جو اعلان

عمرو ادا ڪندڙن لاءِ آن لائن ويزا جو اعلان

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزارت عمرو ڪندڙن لاءِ نوان ضابطا جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن موجب عمرو ادا ڪرڻ وارن زائرين لاءِ آن لائن ويزا حاصل ڪرڻ لازمي آهي. حج واري وزارت موجب ميڊيڪل انشورنس هولڊر کي آن لائين عمري جي ويزا ڏني ويندي. ٻئي طرف سعودي حج واري وزارت پي سي آرٽسٽ رپورٽ ۽ هوٽل قرنطينه تان پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته عمري ۽ زيارت دوران سماجي فاصلن تي پابندي به ختم ڪئي وئي آهي. نون ضابطن ۾ چيو ويو آهي ته مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ نماز لاءِ اجازت وٺڻ ضروري ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو