رتوديرو(فدا حسين لاشاري) پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو سٽي رتوديرو طرفان اسد الله عمراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاج ڪيو، زاهد حسين عمراڻي، سفيع الله کٽياڻ ۽ جاويد جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي جنرل بس اسٽينڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ پ شهيد ڀٽو سپاف جي مرڪزي اڳواڻ اسدالله عمراڻي کي ڪراچي پوليس گهر مان کنڀي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو، ايف آء آر ۾ نامزد پوليس اهلڪار آزاد ڊيوٽي ڪري رهيا آھن انهن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي، اسان آء جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته شهيد اسد الله عمراڻي جي قتل ۾ ملوث سي ايل سي پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري شهيد جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.










