عمران ۾ ٿوري به غيرت هجي ها ته گرفتاري ڏي ها، نواز

عمران ۾ ٿوري به غيرت هجي ها ته گرفتاري ڏي ها، نواز

لنڊن(ويب ديسڪ) مسلم ليگ(ن) جي قائد ميان نواز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته عمران خان گرفتاري جي خوف سبب سرڪس لڳائي ويٺو آهي. لنڊن ۾ موجود مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نواز شريف پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عمران خان ۾ رتي ڀر بهادري ۽ غيرت هجي ها ته هو شرم کان ٻڏي مري ها.


نواز شريف چيو ته جيڪڏهن عمران وٽ عزت هجي ها ته هو بزدلي ۽ بي غيرتي جو داغ لڳائڻ بدران سياست ڇڏي ڏئي ها. نواز شريف سوشل ميڊيا تي اڪبر اله آبادي جو شعر به شيئر ڪيو. اڪبر نٿ سنا هي اهل غيرت سي، جينا ذلت سي هو ته مرنا اڇا.

پهنجو تبصرو موڪليو