عمران ۽ محمود جي بيانن تي ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو

عمران ۽ محمود جي بيانن تي ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي هٿيار آڻڻ ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان جي ڌمڪين واري بيان تي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا عمران خان جي ڪارڪنن پاران هٿيار کڻي اچڻ واري بيان جو نوٽيس ورتو.ذريعن موجب ڪابينا جي اجلاس ۾ راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ قمر الزمان، اياز صادق، اسد محمود ۽ وزيراعظم نذير تارڙ شامل هئا، جڏهن ته ڪميٽي عمران خان ۽ محمود خان جي بيانن جو جائزو وٺي وزيراعظم کي آگاهه ڪندي،ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان جي بيان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ڪابينا بريفنگ ۾ چيو ته هٿياربند گروپن ۽ انهن جي حقيقي چهرن جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي،وفاقي ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ته اهي پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سرانجام ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو