اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه II ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڊيالا جيل ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.پي ٽي آءِ جي باني سلمان صفدر جي وڪيل کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر کان وٺي 3 ڀيرا ملتوي ڪئي وئي آهي.ڪيس ۾ ثبوت، 342 تحت ملزم جو بيان ۽ آخري دليل مڪمل آهن.پراسيڪيوشن پاران جواب داخل ڪرڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ٿيڻ جو امڪان آهي.










