لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل حميما ملڪ ڀارتي فلم اسٽار عمران هاشمي کي مذهبي شخص قرار ڏئي ڇڏيو.تازو ئي اداڪارا هڪ يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن پاڙيسري ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي تجربي ۽ ان سبب سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد بابت ٻڌايو.هن چيو ته مان جڏهن به سوشل ميڊيا تي ڪا پوسٽ شيئر ڪندو آهيان ته سوشل ميڊيا صارفين تبصرو ڪندي رڳو عمران هاشمي جو ذڪر ۽ تنقيد ڪندا آهن، جنهن سان سندس سمورا گناهه ڌوئي ويندا آهن.پنهنجي ڳالهه ٻولهه جاري رکندي هن وڌيڪ چيو ته عمران هاشمي تمام سٺو انسان ۽ دوست آهي، هو هڪ متمدن ۽ مذهبي ماڻهو آهي، هو (عملي مسلمان) آهي.اداڪارا موجب عمران هاشمي کي سڀئي آيتون دل سان ياد هونديون آهن، جڏهن هو سيٽ تي گڏ هوندا هئا ته اڪثر آيتون گڏ پڙهندا هئا.حميما ملڪ چيو ته عمران هاشمي جي دل ۾ ڪنهن لاءِ به بغض نه آهي پر سڀني جي عزت ڪندو آهي ۽ سندس ڪم جو به احترام ڪندو آهي.ياد رهي ته عمران هاشمي ۽ حميما ملڪ 2014ع ۾ بالي ووڊ فلم راجا نيچرلال ۾ گڏ ڪم ڪيو هو.










