ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سياست ڇڏي ٿيٽر ڪمپني کولڻ جو مشورو ڏئي ڇڏي.جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾شرجيل ميمڻ چيو آهي ته لاهور کانپوءِ جڙتو جيل ڀريو تحريڪ جو تماشو پشاور ۾ لڳايو ويو آهي، ڊرامي باز عمران نيازي کي هاڻي سياست ڇڏي ٿيٽر ڪمپني کولڻ گهرجي.هن چيو ته عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ جيل ڀريو تحريڪ جو شوشو ڇڏيو آهي.صوبائي وزير چيوته ڏيڍ ڪروڙ آبادي واري شهر لاهور مان رڳو 77ماڻهو ڪوٽ لکپت جيل پهتا آهن، پي ٽي آءِ جي ڌرڻن ۽ لانگ مارچ وانگر جيل ڀريو تحريڪ به ناڪام ٿي چڪي آهي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب تاريخي تباهي آئي پر نيازي جلسن ۽ جلوسن کي جاري رکيو.شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان، پشاور سانحي جي متاثر خاندانن سان همدردي ڪرڻ بدران سازشن جي لهر اُڀاري رهيو آهي، کيس قوم جو ڪو درد ناهي ۽ نه ئي عوام جي مسئلن سان هن کي ڪا دلچسپي آهي.










