لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز عمران خان جي آڊيو ليڪ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران نيازي جي آڊيو منافقت واري سياست کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ حمزا شهباز چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي سازشي داستان جوڙيو آهي.هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو آهي، سازشي داستان خود غرضي ۽ موقعي پرستي جو مظهر آهي.حمزا شهباز جو چوڻ آهي ته عمران نيازي سياسي مفادن لاءِ رياست جي مفادن سان کيڏيو آهي نه ته ڪوڙ تي آهي










