عمران عباس جي مديني ۾ حاضري، نعت پڙهڻ جي وڊيو وائرل

رياض (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور اداڪار عمران عباس جي تازو ئي عمري جي سعادت حاصل ڪندڙ مسجد نبوي جي صحن ۾ نعت پڙهڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام ذريعي اداڪار عمران عباس پنهنجي پهرين عمر جي خبر ۽ تصويرون شيئر ڪيون.تصوير شيئر ڪندي هن ڪيپشن ۾ لکيو ته احرام ۾ پهرين تصوير،پر هاڻ هن مسجد نبوي جي صحن ۾ ويٺي پنهنجي خوبصورت آواز ۾ نعت پڙهي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عمران عباس مقبول نعت ”خلا هي سهي لي باب رحمت“ پنهنجي انداز ۾ پڙهي رهيو آهي.هن وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن ساڳئي نعت جو هڪ شعر لکيو آهي ته ’يھان ڪوئي رتبي ۾ ادني نا علي‘.

پهنجو تبصرو موڪليو