عمران خان ۽ پرويز الاهي حڪومت سان مقابلو ڪرڻ جو عزم

لاهور(ويب ڊيسڪ)چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان ۽ پرويز الاهي حڪومت جي ناڪاري حڪمت عملين کي منهن ڏيڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان چوڌري پرويز الاهي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال، گهرو معاملن، حڪومت جي انتقامي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه جي چونڊن جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪومت جي انتقامي ڪاررواين پٺيان ڪي ٻيا ماڻهو به آهن.هن چيو ته حڪومت کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻي پوندي، ٻي صورت ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي، حڪومت اليڪشن کان ڀڄي نٿي سگهي.پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته پي ٽي ايم حڪومت نااهلي کانپوءِ انتقامي ڪارروايون ڪري عالمي رڪارڊ ٺاهڻ چاهي ٿي.هن چيو ته حڪمرانن کي ڪيسن جو ڪو به خوف ناهي، روزانو ڪيس داخل ٿي رهيا آهن.پرويز الاهي چيو ته حڪومت سياسي انتقام ۾ انڌي ٿي وئي آهي، اسان جي قانوني صلاحڪار عامر سعيد کي گهر کان ٻاهر ڪڍيو ويو.هن چيو ته عمران خان جي مقبوليت کان ڊڄندڙ پ پ اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو