اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو آهي ته عمران خان کي سيڪيورٽي خطرن کان سڀ آگاهه آهن ان لاءِ سندس هيليڪاپٽر کي پريڊ گرائونڊ ۾ لهڻ جي اجازت ڏني وڃي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جو هيليڪاپٽر گرائونڊ ۾ لهڻ جي لاءِ عدالت ۾ به درخواست داخل ڪئي آهي.ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته عمران خان کي سخت سيڪيورٽي خطرا آهن جلسي گاهه پهچڻ تي عمران خان جي هيليڪاپٽر کي پريڊ گرائونڊ ۾ لهڻ جي اجازت ڏني وڃي.اسد عمر وڌيڪ چيو ته هيليڪاپٽر کي پريڊ گرائونڊ ۾ لهڻ جي اجازت ۾ انتظاميه دير ڪري رهي آهي. اميد آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان سلسلي ۾ جلد فيصلو ڪندي.
