اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جاچ ۾ رڪاوٽ وجهندو ته نيب ضمانت رد ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل، ايڊيشنل اٽارني چيو ته آرٽيڪل 245 تي عمل ٿي رهيو آهي، عمران خان کي رليف نٿو ملي، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جو اهو موقف توهين جوڳو آهي.عدالت چيو ته ان موقف جو مطلب بنيادي حقن کي غصب ڪرڻ آهي جيڪي جمهوري ۽ اسلامي رياست جو بنياد آهن، اهو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي ته هڪ ذميوار حڪومت شهرين جي انصاف جي پهچ ۾ رڪاوٽ بڻجندي. اٽارني جنرل آرٽيڪل 245 تي عملدرآمد جي حوالي سان عدالت تائين پهچ واري نقطي جو نوٽيس ورتو ۽ اهم آئيني نقطي تي سندس مدد گهري ورتي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل احتساب عدالت جي نااهلي تي لاڳاپيل فورم جا اعتراض اٿاريا، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان کي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.لکت واري حڪم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جا اعتراض درست نه آهن، هاءِ ڪورٽ کي ضابطه فوجداري پروسيجر تحت ڪيس ٻڌڻ جو اختيار آهي.










