ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته عمران خان ڄاڻي واڻي اداري جي سربراهه بابت تڪراري بيان ڏئي چاهي ٿو ته ڪو ساڻس ڳالهائي. حڪومت وڃڻ کان پوءِ گيم عمران خان جي هٿ مان نِڪري چڪي آهي ان لاءِ هو اداري کي تڪراري بڻائي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن لياري جي اين اي 246 تي ضمني چونڊ بابت پارٽي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان وزيراعظم هوندي جنرل قمر باجوه کي عهدي ۾ واڌ جي منظوري ڏني ۽ حڪومت کان ٻاهر ويندي ئي هاڻي عمران خان آرمي چيف جي مقرري واري آئيني مرحلي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان قوم کي ٻڌائي ته هو حڪومت ۾ هوندي آرمي چيف کي واڌ جي منظوري ڏئي ته بهتر ۽ جيڪڏهن ڪا ٻي حڪومت آرمي چيف جي مقرريءَ جو آئيني فيصلو ڪري ته پوءِ ان آئيني مرحلي کي تڪراري ڇو بڻائي رهيو آهي؟ هن چيو ته عمران خان کي اصل چڙ حڪومت کسجڻ جي آهي ان ڪري هو هاڻي نفسياتي مريض بڻجي چڪو آهي ان لاءِ عمران خان کي مشورو آهي ته هو پنهنجو نفسياتي علاج ڪرائي نه ته حڪومت کسجڻ جي بيعزتي عمران خان کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندي. هن چيو ته قوم جو اتفاق سان فيصلو آهي ته اداري جي سياست ۾ مداخلت نه هجي پر عمران خان اداري جي سياست ۾ مداخلت چاهي ٿو پر تنهن هوندي به آرمي چيف جي مقرري جو طريقه ڪار آئين ۾ واضع آهي. هن چيو ته عمران خان پاڻي کي آئين ۽ قانون کان بالاتر سمجهڻ بند ڪري. آمر پرويز مشرف جي ريفرنڊم جي مهم هلائيندڙ عمران خان ٻڌائي ته جڏهن پرويز مشرف پيپلز پارٽي جا ماڻهو ٽوڙيا ته ان وقت هن پرويز مشرف تي تنقيد ڇو نه ڪئي هئي؟ هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ بجاءِ پاڻ محب الوطن بڻجي. هن چيو ته عمران خان جي سازش واري بيانيي کي سندس ئي صدر عارف علوي رد ڪيو آهي هاڻي عمران خان عارف علوي کان پڇاڻو ڪري ته ان عدم اعتماد پويان ڪنهن جو اشارو نه هجڻ جو بيان ڪيئن ڏنو؟ ٻئي طرف پيپلز پارٽي لياري جي اين اي 246 ۾ ضمني چونڊ لاءِ چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي صدارت ۾ لياري جي سڀني يوسيز جي پارٽي پاران نامزد ڪيل چيئرمين، وائيس چيئرمين، ڪائونسلرن ۽ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ضمني چونڊ ۾ پارٽي جي نامزد ڪيل اميدوار نبيل گبول لاءِ گهر گهر رابطه مهم تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي نثار کهڙو چيو ته لياري پيپلز پارٽي جو ڳڙهه هيو ۽ رهندو ۽ ضمني چونڊ ۾ لياري جو عوام عمران خان کي شڪست ڏئي جيالي نبيل گبول کي ڪامياب ڪندو ۽ پيپلز پارٽي لياري مان پنهنجي کسيل سيٽ ٻيهر حاصل ڪندي.










