شهباز شريف 174 ووٽ کڻي نئون قائد ايوان چونڊجي ويو

شهباز شريف 174 ووٽ کڻي نئون قائد ايوان چونڊجي ويو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)قومي اسمبلي ۾ نئين قائد ايوان جو چونڊ عمل مڪمل، پاڪستان تحريڪ انصاف بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، پينل آف چيئرمين جي ميمبر اياز صادق اجلاس جي ڪاروائي هلائي، گڏيل اپوزيشن جو نامزد اميدوار ميان شهباز شريف هڪطرفي چونڊ عمل ۾ 174 ووٽ کڻي نئون قائد ايوان چونڊجي ويو آهي. هو اڄ ئي 23 هين وزيراعظم طور حلف کڻندو. ان کان ڊپٽي اسپيڪر جي سربراهي ۾ اجلاس جي ڪاروائي شروع ٿي ته ڊپٽي اسپيڪر، اسپيڪر جي چيئر تان جذباتي تقرير ڪندي چيو ته مون جيڪا رولنگ ڏني هئي اها آئين، قانون ۽ پاڪستان خاطر ڏني هئي ان تي اڄ به قائم آهيان. هن چيو ته بعد ۾ سپريم ڪورٽ جو حڪم جاري ڪيو اهو به من و عن تسليم ڪريان ٿو. هن چيو ته مان استعيفيٰ ڏيان ٿو ۽ وڌيڪ ڪاروائي نٿو هلائي سگهان باقي ڪاروائي لاءِ اياز صادق کي دعوت ڏيان ٿو. شاهه محمود قريشي به هڪ جذباتي تقرير ڪئي چيو ته بلاول شهباز جو وزير خارجه نه ٿجانءِ اهو شهيد بي بي جو روح رنجائيندو. هن خوب عمران خان جون تعريفون ڪندي چيو ته اڄ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف مني لنڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم عائد ڪرڻي هئي پر هتي کيس وزيراعظم بڻايو پيو وڃي. هي پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ آيا آهن. هن اختر مينگل، اي اين پي، پي پي ۽ ايم ڪيو ايم سميت سڀني جماعتن کي ڏوراپا به ڏنا ۽ ٻاهر هليا ويا. گيلرين ۾ ويٺل پي پي ۽ مسلم ليگ جي ڪارڪنن نعريبازي شروع ڪئي ته اياز صادق کين روڪيندو چيو ته خاموش رهو نه ته اوهانکي ٻاهر موڪليندس. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اهڙو فيصلو عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ قائد ايوان جي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. جنهن بعد مراد سعيد، علي زيدي ۽ فرخ حبيب سميت ڪجهه ميمبرن استعيفائون اسپيڪر آفيس کي موڪلي ڇڏيون آهن. ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ هن اسيمبلي ۾ نه ويهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو