ڪراچي/شڪارپور(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته عمران خان پاران اسيمبلين جي خاتمي جي ڳالهه رڳو فيس سيونگ آهي، ٿي سگهي ٿو هو ان فيصلي تي به يوٽرن وٺي، ملڪ معاشي، سياسي ۽ اخلاقي طور تي ڏيوالپڻي جو شڪار، معاشي حالتن جي خرابي جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو، حڪمران آئي ايم ايف جي فرمائش تي مهانگائي جي ستايل عوام مٿان وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جون ڳالهيون ڪري سندن زخمن تي لوڻ ٻُرڪي رهيا آهن، سنڌ ۾ بدترين وڏيراشاهي ۽ غلامي جو نظام رائج آهي، وڏيرن سيلاب ۾ عوام جي امداد ڪرڻ بدران ٻاهران آيل امداد به هڙپ ڪري بي حسي ۽ سنگدلي جو ثبوت ڏنو، ملڪي آئين ۾ واضح طور لکيل آهي ته ڪوبه قانون اسلام جي خلاف جوڙي نٿو سگهجي، شرعي عدالت جي فيصلي کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ جي وياج خلاف اپيل واپس وٺڻ جي ڳالهه ڪندڙ حڪمران جماعت وياج جي شرح ۾ اضافو ڪري ڪيل وعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، حڪمران وياج وارو نظام لاڳو ڪري ستر سالن کان الله ۽ رسولﷺ سان جنگ ڪري رهيا آهن، پر هنن کي ياد رکڻ گهرجي ته الله ۽ رسولﷺ سان جنگ ڪرڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪارپور ۾ وياج خلاف احتجاجي ريلي ۽ اسلامي جمعيت طلبه جي تربيتي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي جي آءِ يوٿ جو صوبائي صدر ڊاڪٽر امتياز پالاري، ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي حڪمران عوام مٿان وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري سندن زخمن تي لوڻ ٻُرڪي رهيا آهن، پاڪستان ۾ غربت 50فيصد تائين پهچي چڪي، سيلاب جي ڪري اڄ به ڪروڙين ماڻهو روڊن تي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، پر حڪمرانن ۽ مخالف ڌُر کي اقتدار جي ويڙهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي، عمران پاران اسيمبليون ٽوڙڻ واري ڳالهه رڳو فيس سيونگ لڳي ٿو ان تان به يوٽرن وٺندو، حڪمرانن هوش کان ڪم نه ورتو ته اسانجو حشر به سري لنڪا وارو ٿيندو، پي ٽي آءِ اي پي ڊي ايم عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿيون آهن، موجوده حڪمرانن کي پنهنجي ليڊرشپ جا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ مخالف ڌُر مٿان ڪيس داخل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪرڻ نٿو اچي، وياج واري نظام جي خاتمي سان ئي ملڪ ترقي ۽ عوام مهانگائي، بُک، بيروزگاري سميت هڙني مسئلن مان آجپو حاصل ڪري سگهي ٿي. حڪمرانن جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ جو عوام اڄ بُک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي، بار بار وڏيرن کي آزمائڻ بدران سنڌ جو عوام هاڻي جماعت اسلامي جي باصلاحيت ۽ ديانتدار قيادت کي آزمائي ته جئين سندن دردن جو درمان، ملڪ ترقي ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي.۔#










