عمران خان مٿان حملي لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي ڪم روڪي ڇڏيو

عمران خان مٿان حملي لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي ڪم روڪي ڇڏيو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس چيف جي معطلي جو حڪم بحال ٿيڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مٿان حملي جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي پنهنجو ڪم روڪي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب لانگ مارچ دوران ڪنٽينر تي موجود اڳوڻي وزيراعظم مٿان فائرنگ جي واقعي جي جاچ لاءِ ٺاهيل گڏيل جاچ ٽيم(جي آءِ ٽي) هڪ دفعو ٻيهر تڪراري بڻجي وئي آهي ۽ ان سي سي پي او لاهور غلام محمد ڊوگر جي معطلي جو نوٽيفڪيشن بحال ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو ڪم روڪي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب جي آءِ ٽي ميمبرن کي هدايتون ملڻ عارضي طور تي بند ٿي ويون آهن جڏهن ته گڏيل جاچ ٽيم ڪجهه ڏينهن ۾ جوابدار نويد کان صرف پڇاڳاڇا کان سواءِ وڌيڪ ڪجهه ناهي ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو